اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ”گهڙيءَ چور، توشه خانه چور پيش ٿئي“ جا آواز هنيا پيا وڃن پر عمران خان گم آهي، عمران خان پيش نه ٿيو ته گرفتار ڪرڻ گهرجي، جيل ڀرڻ جو شوق به پورو ٿي ويندو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته عدالت پڇي رهي آهي ته جوابدار ڪٿي آهي؟ جواب مليو ”وقت جو نه ٿا ٻڌائي سگهون?? عدالت پڇي رهي آهي ته جوابدار ڪهڙي وقت پيش ٿيندو، جواب مليو ”عمران خان سان رابطو نه ٿي رهيو آهي“ عدالت گهڙيءَ چور جي حاضري جو پڇي رهي آهي جيڪو اڃا تائين پيش ناهي ٿيو، فار?? ايجنٽ ضمانت ڪرائڻ بئنڪ??گ ڪورٽ تي مهرباني ڪري رهيو آهي، توشه خانه ڪيس ۾ فرد جرم لڳڻي آهي اتان به هي مفرور آهي، واهه ڀئي واهه. مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف ڌيءَ سان گڏ روزانو عدالت پيش ٿي سگهيو پئي ته عمران خان، بشريٰ بي بي ۽ فرح گوگي سان گڏ ڇو نه ٿو پيش ٿي سگهي؟ عمران خان ڏٺئي! وقت اچڻ تي جواب پاڻ ئي ڏيڻو پوندو آهي، بشريٰ ۽ گوگي به ساٿ ڇڏي ڏنو آهي. هن چيو ته گهڙيءَ چور ۽ فار?? ايجنٽ سڌو جيل ويندو يا سڌو عدالت. گهڙيءَ چور فار?? ايجنٽ جواب ڏجان ته توشه خانه ڇو ڦريو؟ خانه ڪعبه جي گهڙيءَ ڇو وڪرو ڪئي؟ بشريٰ بي بي توشه خانه جي هيرن جا هار ڇو وڪرو ڪيا؟ عدالت ۾ پيش ٿي جواب ڏيو. هن چيو ته فار?? ايجنٽ جواب ڏي ته خيرات جا پئسا سياست تي ڇو لڳ??يا؟ پنهنجي ملازمن جي نجي اڪائونٽس کي مني لانڊرنگ جي لاءِ ڇو استعمال ڪيو؟ شوڪت خانم اسپتال جي خيرات جا پئسا پرائيويٽ هائوسنگ سوسائٽي ۾ ڇو لڳ??يا؟ ووٽن ڪرڪيٽ ڪلب کان لکين ڊالر ڇو ورتا؟ خيرات جو پئسو سياست ۾ ڇو لڳ??يو؟ فارن فنڊنگ ملڪ جي خلاف ڇو استعمال ڪئي؟