اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ??طر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن فيصل الثاني ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ??طر جي سفير ??طر ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ ڪئي ويندڙ مختلف سرگرمين کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل قدرن تي ٻڌل ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجايو. هن انهن مضبوط لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي لاڳاپن ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي طرفن يج گڏيل عزم جو ذ??ر ڪيو. وزيراعظم 2022ع ۾ تاريخي ٻوڏ جي نتيجي ۾ پاڪستاني عوام جي انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد تي ??طر جا ٿورا مڃيا. قطري سفير ڀائراڻن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ ان سل??لي ۾ ??طر پاران تعاون جي خاطري ڪرائي. واضح رهي ته ??طر اٽڪل 250000 پاڪستانين جي ميزباني ڪري ٿو جيڪي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن ساڪل پاڪستان ۽ ??طر جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 50 هين سالگرهه آهي. ٻئي ملڪ ان سالگرهه کي بهترين انداز ۾ ملهائڻ جي لاءِ پرعزم آهن.