اسلام آباد -11 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سان پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي جي مناسبت سان منعقد عالمي آئيني ڪنوينشن ۾ شريڪ اي??ان، ڪرغزستان ۽ لبنان جي پارلياماني وفدن پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ خطي جي ملڪن کي درپيش علائقائي ۽ عالمي ??ئل??نجز، گولڊن جوبلي جي عالمي ڪنوينشن سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خ??الن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر آئين جي گولڊن جوبلي جي تقريب جي سلسلي ۾ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي اهتمام هيٺ عالمي آئيني ڪنوينشن ۾ شرڪت تي عالمي نمائندن جو ٿورو ادا ڪيو. اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان سان ٻطرفن لاڳاپا اهميت وارا آهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي جمهوريت ۽ سماجي ڀلائي جي گڏيل قدرن جي بنيادن تي هموار آهن، اسپيڪر آئين جي گولڊن جوبلي تقريبن ۾ جمهوريه ڪرغزستان جي شرڪت کي ساراهيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪرغزستان جي صدر ايندڙ دوري جو پرجوشطور تي منتظر آهي، جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا خاص طو رتي توانائي ۽ مواصلات جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ملندي. اي??اني پارلياماني وفد پارلياماني جي قومي سلامتي ۽ پرڏيهي پاليسي ڪميٽي جي چيئرمين وحيد جلال زاده ميمبر پارليامينٽ جي قيادت ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سان به ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته اي??اني هڪ بهادر قوم آهي جنهن تازن ??ئل??نجن جو بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ اتحاد ۽ اتفاق سان انهن ??ئل??نجن جو مقابلو ڪيو. هن آئين جي گولڊن جوبلي تقريب جي موقعي تي قرآن پاڪ جي نادر نسخن جي نمائش جي ڪامياب منعقد ڪرائڻ تي اي??اني سفارتخاني جو ٿورو به مڃيو. هن چيو ته اي??ان – سعودي عرب لاڳاپن جي بحالي کي پوري خطي لاءِ مثب اڳڀرائي قرار ڏنو ويو. وحيد جلال الدين ٿورن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اي??ان پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اي??اني دوري جي دعوت کي گرمجوشي سان قبول ڪيو، هن مختلف شعبن، توانائي، مواصلات ۽ مذهبي سياحت کي هٿي ڏيڻ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ اجتماعي ڪوششون اڻٽر آهن. لبنان جي قومي اسيمبلي جي ميمبر قاسم هاشم عالمي آئيني ڪنونشن جي موقعي تي پاڪستان جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سان ملاقات ڪئي، اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته پارلياماني سفارتڪاري ترقي پسند ۽ متحرڪ جمهوريت جو اهم عنصر آهي ۽ ان لاءِ ٻنهي ڌرين وچ ۾ پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي. ان موقعي تي انجنيئر صابر حسين قائمخاني به موجود هو.