اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) واحد وفاقي پارٽي آهي ج??هن کي جڏهن به وطن پڪاريو، ان هن ملڪ کي مصيبتن ۽ بحرانن جي منجهدار مان حفا??ت سان ڪڍيو. هڪ ٽوئي?? ۾ ??زي??اعظم چيو ته هو قائد ميان محمد نواز شريف، پارٽي ج?? ساٿين ۽ عهديدارن ۽ ڪارڪنن جا ٿورا مڃي ٿو جن مون تي اعتماد جو اظهار ڪندي مون کي پارٽي ج?? صدارت لاءِ چونڊيو. پاڪستان مسلم ليگ نواز ميان محمد نواز شريف جي قيادت ۾ سياسي ارتقا جي مرحلن مان گذرندي ملڪ جي اها واحد وفاقي پارٽي بڻجي اڀري آهي ج??هن کي جڏهن جڏهن هن ملڪ پڪاريو، ان هن ملڪ کي مصيبتن ۽ بحرانن جي منجهدار مان حفا??ت سان ڪڍيو. هن چيو ته اهو پارٽي ڪارڪنن ۽ پارٽي قيادت جي وچ ۾ نه ٽٽندڙ رشتو ئي آهي ج??هن جي ڪري ج??ترا ڀيرا به ان کي دٻائي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مسلم ليگ (ن) اڳ کان به وڌيڪ قوت ۽ عوامي حمايت سان ٻيهر اڀري. اڄ منهنجو هن ملڪ جي خدمت جو عزم وڌيڪ پڪو ٿي ويو آهي. هن چيو ته آئون چاهيان ٿو ته مون کي سدائين قائد ميان محمد نواز شريف جي هڪ اهڙي فرض شناس ڪارڪن طور ياد رکيو وڃي ته جنهن پنهنجون سموريون توانايون، صلاحيتون ۽ سگهه ملڪ پاڪستان ۽ ان جي ماڻهن جي خدمت ۾ لڳايون.