اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف سوشل ميڊيا تي آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير تي قاتلاڻي حملي جي مهم هلائڻ جي مذمت ڪندي لڳاپيل ادارن کي ميڊيا مهم هلائيندڙن خلاف ڏيهه ۽ پرڏيهه قانوني قدم کڻڻ جي ه??ايت ڪئي آهي، وزيراعظم آفيس جي جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو آهي ته آرمي چيف ۽ فوج خلاف شر ڦهلائيندڙ ميڊيا مهم شيطاني ذهن جي منصوبابندي جو نتيجو آهي، 09 مئي جي منصوبابندي ڪندڙ، سهولت ڪار ۽ هينڊلرز کي پيغام آهي ته پاڪستان ۽ ان جي ادارن خلاف هرسازش کي ناڪام بڻايو ويندو، وزيراع??م محمد شهباز شريف سوشل ميڊيا تي آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير تي قاتلاڻي حملي جي مهم هلائڻ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته شهيدن خلاف غليظ ميڊيا مهم هلائيندڙ جي نئين ميڊيا مهم هڪ ئي منصوبي جي ڪڙي آهي. وزيراعظم لڳاپيل ادارن کي ميڊيا مهم هلائيندڙن خلاف ڏيهه ۽ پرڏيهه قانوني قدم کڻڻ جي ه??ايت ڪندي چيو ته ف??ج ۽ ان جي سربراه خل??ف ميڊيا مهم اظهار جي آزادي نه آهي اها صرف سازش آهي جنهن کي روڪڻ قانوني فرض آهي، قوم ان سازش کي ناڪام بڻائيندي جهڙي ريت 09 مئي واري ملڪ کي گهرو ويڙه جو شڪار ڪرڻ جي سازش کي بڻايو هو.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته قوم پنهنجي ف??ج ۽ ان جي سربراه سان گڏ آهي.