اسلام آباد-22 آگسٽ (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت جي نگران وفاقي وزير مدد ??لي سنڌي چيو آهي ته وزا??ت تي رهندي ڪوشش هوندي ته ملڪ جي عوام جي خدمت ڪريان، نگران وفاقي وزير مقرر ٿيڻ وڏو اعزاز آهي. اسلام آباد ۾ سول سوسائٽي پاران سندس م??ن ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت جي نگران وفاقي وزير مدد ??لي سنڌي اسلام آباد جي سول سوسائٽي جا ٿورا مڃيندي چيو ته نگران وفاقي وزير ٿيڻ سندس لاءِ هڪ وڏو اعزاز آهي ۽ سندس اها ڪوشش هوندي ته هو ان منصب سان انصاف ڪندي ملڪ جي عوام جي خدمت ڪري. هن چيو ته کيس وفاقي وزير ٿيڻ سان سول سوسائٽي جيڪا محبت ۽ پيار ڏنو آهي، اهو ڪڏ??ن وساري نٿو سگهجي. ان موقعي تي نور هاليپوٽو، عرفان انصاري، سيد فياض شاهه، اشفاق چانڊيو، نصي?? ميمڻ، قاضي فيض ۽ ٻين نگران وفاقي وزير مدد ??لي سنڌي کي نگران وفاقي وزير مقرر ٿيڻ تي کيس مبارڪون ڏنيون.