اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي)نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران حڪومت پنهنجي مينڊيٽ اندر رهندي جلد کان جلد عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي. اهڙو اظهار هن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته اجلاس ۾ پاور ڊ??يزن بريفنگ ڏني، جنهن ۾ مختلف وفاقي وزيرن سميت سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ عوام کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ لاءِ توانا??ي واري وزارت ۽ ناڻي واري وزارت کي گڏجي لائحه عمل جوڙڻ جي ذميواري ڏني آهي. هن چيو ته مختلف سرڪاري ملازمن کي مفت يو??ٽس جي معاملي تي به تفصيلي رپورٽ طل?? ڪري ورتي آهي. سرڪاري آفيسن ۾ بجلي جي استعمال ۾ گهٽتائي لاءِ فوري قدم کنيا ويندا. هن چيو ته اڄ صوبن سان به مشاورت ڪ??ي ويندي.