اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي ??ڪر??رن جو شڪار علائقن ۾ ماڻهن جي ذهني صحت ۽ ڀلائي جي مسئلي تي ض??بطو آڻڻ جي لاءِ مستقل قدمن، عالمي ڪردار ۽ تعاون تي زور ڏيندي چيو آهي ته دنيا ۾ جاري ??ڪر??رن جي حل لاءِ ڪوششون ڪرڻ جي ض??ورت آهي، دنيا ۾ امن کي فروغ ڏيڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ ايندڙ نسلن جي ذهني صحت، تندرستي ۽ پرامن مستقبل جي لاءِ ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يوڪرين جي شهر ڪيف ۾ فرسٽ ليڊيز اينڊ جينٽلمين جي ٽئين سربراهي اجلاس جي لاءِ پنهنجي وڊيو پيغام ۾ ڪيو. هن سال جي سمٽ جي شروعات يوڪرين جي خاتون اول اولينا زيلنسڪا ڪئي جنهن جو عنوان ”ذهني صحت: مستقبل جي نزاڪت ۽ لچڪ“ هو. سربراهي اجلاس ۾ صدر ولاديمير زيلينسڪي پڻ خطاب ڪيو. ان سمٽ ۾ جاپان، ترڪيه، البانيه، جرمني، آرمينيا، مقدونيا، پولينڊ، اسپين ۽ سوئيڊن جي فرسٽ ليڊيز اينڊ جينٽلمين جا پيغام ۾ پڻ شامل هئا. سمٽ جي لاءِ پنهنجي پيغام ۾ بيگم ثمينه علوي ??ڪر??رن وارن علائقن ۾ ماڻهن جي ذهني صحت ۽ ڀلائي بابت ڳڻتي جو اظهار ڪرڻ کانسواءِ يوڪرين ۾ انهن خاندانن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو جن کي جنگ جي ڪري جسماني، جذباتي ۽ ذهني دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پيو. هن چي?? ته اسان پاڪستان ۾ انهن جي درد کي محسوس ڪري سگهون ٿا ۽ يوڪرين جي ماڻهن سان همدرديءَ جو اظهار ڪري سگهون ٿا، اسان محسوس ڪريون ٿا ته اها انسانيت ئي آهي جيڪا بحرانن ۽ ??ڪر??رن ۾ مبتلا آهي. بيگم ثمينه علوي ان ڳالهه تي روشني وڌي ته چار ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني جي پاڪستان جي پنهنجي تجربي ۽ دهشتگردي جي خلاف ان جي ڊگهي جنگ پاڪستان کي سيکاري?? ته ??ڪر??ر ۽ جنگ ماڻهن جي ذهني صحت کي بري طرح متاثر ڪن ٿا. هن چي?? ته 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڀارت پاران غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن جي خلاف ظلم ڪشميرين جي ذهني صحت کي بري طرح متاثر ڪيو آهي. هن ڊاڪٽرز ود آئوٽ بارڊرز ۽ ڪشمير يونيورسٽي جي هڪ تحقيق جو حوالو ڏنو جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اٽڪل 1.8 ملين ڪشميري بالغ ماڻهو، جيڪي خطي جي بالغ آبادي جو اٽڪل 45 سيڪڙو آهن، انهن پاڻ کي مختلف قسم جي ذهني پريشانين ۾ مبتلا ڏٺو، جن ۾ بي چيني، ڊپريشن ۽ ٻيا شامل آهن. اهي پريشان ڪندڙ انگ اکر مسلسل فوجي ڪاررواين، هٿياربند ??ڪر??رن، اقتصادي بندشن ۽ ڀارتي حڪومت پاران ڪرفيو لاڳو ڪرڻ جي گهري اثرن جي نشاندهي ڪن ٿا. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪي?? ته دماغي صحت کي اڪثر نظرانداز ڪيو وڃي ٿو ۽ خاص طور تي ??ڪر??رن وارن علائقن ۾ ماڻهن تي ان جي منفي اثرن جي حوالي سان غلط فهمي ڏٺي وڃي ٿي. هن ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي نتيجن جو حوالو پڻ ڏن?? ته انساني بحران ۾ ذهني صحت جي مسئلن جو ڦهلاءُ ٻيڻي کان به وڌي وڃي ٿو. هن چي?? ته ڪنهن به ??ڪر??ر واري علائقي ?? جنگ جو ڊگهو عرصو ذهني صحت جي معياري سهولتن ۽ مشاورت جي ض??ورت کي وڌائي ڇڏي ٿو. خاتون اول ان ڳالهه تي زور ڏن?? ته ??ڪر??رن وارن علائقن ۾ ماڻهن کي معمول جي زندگي ۾ واپس آڻڻ ممڪن آهي جڏهن ته ان جي لاءِ دنيا ۾ مسلسل ڪوششن ۽ ??ڪر??رن کي حل ڪرڻ جي ض??ورت آهي. هن چي?? ته پاڪستان سڄي دنيا جي ??ڪر??رن جو پرامن حل چاهي ٿو.