اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ?? 27 ??لين ٻار اسڪولن کا?? ٻاهر آهن، انهن کي اسڪولن ۾ آڻڻ جي لاءِ هنگامي قدمن جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ڇنڇر ڏينهن تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان ملاقات جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي ملڪ ۾ تعليم جي شعبي جي ترقي جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ?? 27 ??لين ٻار اسڪولن کا?? ٻاهر آهن، انهن کي اسڪولن ۾ آڻڻ جي لاءِ هنگامي قدمن جي ضرورت آهي، ملڪ جي ڏورانهن ع??ائقن ۾ تعليم تائين ماڻهن جي پهچ وڌائڻي ??ون??ي، آن لائين تعليم ملڪ جي ڏورانهن ع??ائقن تائين تعليم پهچائڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي. صدر چيو ته اسڪولن کا?? ٻاهر ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ مسجدن کي فجر کا?? ظهر تائين استعمال ڪري سگهجي ٿو، اسڪولن کا?? ٻاهر ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ نوان ۽ غيرروايتي حل سوچڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڇوڪرين جي اسڪولن ۾ تعليم جو سلسلو جاري رکڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ڪرڻي ??ون??ي. خصوصي ماڻهن کي ٻين ٻارن سان گڏ اسڪولن ۾ تعليم ۽ تربيت جي لاءِ خصوصي بندوبست ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته ملڪ ۾ معياري تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت جي فروغ تي خاص ڌيان ڏيڻو ??ون??و، نوجوانن خاص طور تي عورتن کي هنرمند بڻائڻ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻا ??ون??ا. هن چيو ته يونيورسٽيون مارڪيٽ جي ضرورتن موجب پنهنجي شاگردن کي هنر سان ليس ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي لاءِ يونيورسٽين ۾ داخلا وٺندڙن جو انگ خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي، ملڪ ۾ اعليٰ تعليم وارن ماڻهن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ گهرجن، يونيورسٽيون آن لائين تعيلم ۽ مختلف شفٽن جي مدد سان وڌيڪ شاگردن کي اعليٰ تعليم فراهم ڪري سگهن ٿيون، يونيورسٽيون 4 سالن جي ڊگري پروگرامز سان گڏوگڏ آن لائين تعليم ۽ 2 سالن جا ڊگري پروگرامز پڻ شروع ڪن. صدر چيو ته ورچوئل يونيورسٽي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي آن لائين ۽ فاصلاتي تعليم جي پروگرامز جي مدد سان اعليٰ تعليم يافته ماڻهن جو انگ وڌائي سگهجي ٿو. هن چيو ته يونيورسٽين ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ جديد ترين مهارتن سان ليس ڪرڻ لازمي آهي، يونيورسٽيون مصنوعي ذهانت، مشين لرننگ، ??ائ??ر سيڪيورٽي ۽ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ جي شعبن تي خاص ڌيان ڏين. ملاقات دوران وفاقي اردو يونيورسٽي سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.