اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وز??ر مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته حڪومت ۽ نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ جو فلسطين جو مسئلو ۽ فلسطيني عوام خاص طور تي غزه جي شهرين جي نسل ڪشيءَ تي واضح موقف آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جده ڪانفرنس جي محرڪين مان هڪ آهي، اسان جو نگران پرڏيهي وز??ر هن وقت بيجنگ ضرورت هجڻ جي باوجود او آءِ سي جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. هن چيو ته نگران وز??راعظم اڳ ۾ ئي فلسطين جو مسئلو گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري سميت بيجنگ ۾ موجود عالمي اڳواڻن آڏو اٿاري چڪو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن ۾ اسان جو مستقل نمائندو به ان معاملي تي متحرڪ انداز ۾ آواز اٿاري رهيو آهي. نگران وفاقي وز??ر چيو ته پاڪستان جو اهو موقف پاڪستان ۽ ??اه??ئين ملڪ خبرن ۾ اجاگر به ٿيو آهي.