اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روانڊا گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفي سياسي، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائيندي اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي وڌائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو آهي. ??در ڊاڪٽر عارف علوي ۽ روانڊا جي سينيٽ جي ??در ڊاڪٽر ڪالندا فرانڪوئس زيويئر ??ي وچ ۾ ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. روانڊا جي سينيٽ جي ??در پنهنجي وفد جي ميمبرن سان گڏ ايوان ??در ۾ ملاقات ڪئي. وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ??در چيو ته پاڪستان روانڊا سان پنهنجي دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ان حقيقت تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته ٻئي ملڪ علائقائي ۽ عالمي فورمز تي هڪ ٻئي سان تعاون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان روانڊا سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻطرفي واپار کي پنهنجي حقيقي صلاحيت موجب وڌائڻ چاهي ٿو. هن وفد کي ٻڌايو ته پاڪستان جنوري 2024ع ۾ قاهره ۾ چوٿين پاڪ آفريقا ٽريڊ ڊيولپمينٽ ڪانفرنس ۽ سنگل ڪنٽري نمائڊ منعقد ڪري رهيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته روانڊا جا واپاري به ان تقريب ۾ شرڪت ڪندا ته جيئن ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ ڪاروبار جون نيون راهون ڳولي سگهجن. ??در معصوم فلسطينين تي اسرائيلي ظلمن کي اجاگر ڪيو ۽ غزه ۾ وڌيڪ تباهي ۽ رتوڇاڻ روڪڻ جي لاءِ فوري جنگبندي تي زور ڏنو. وفد پاڪستان ۾ شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي ??در جا ٿورا مڃيا. روانڊا جي سينيٽ جي ??در ڊاڪٽر ڪالندا فرانڪوئس زيويئر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن، هن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته روانڊا پاڪستان کي هڪ عظيم حصيدار سمجهي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي ??عب?? ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ چاهي ٿو. ڊاڪٽر ڪالندا فرانڪوئس زيويئر ??در کي ٻڌايو ته روانڊا اسلام آباد ۾ پنهنجو سفارتخانو کولڻ تي غور ڪري رهيو آهي.