راولپنڊي-13 نومبر (اي پي پي) اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ دهشتگردن سان چڪرين ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان شه??د ٿي پيا. آءِ ا??س پي آر مطابق 12 ۽ 13 نومبر جي وچ واري رات اتر وزيرستان جي ضلعي مير علي جي علائقي ۾ پاڪ فوج جي جوان?? ۽ ??هشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بنايو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو. شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ سپاهي عبدالله (عمر 25 سال، رهائشي مردان)، سپاهي محمد سهيل (عمر 19 سال، رهائشي ٿرپارڪر) شه??د ٿي ويا. علائقي ۾ دهشتگردن جي ڳولا لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ا??س پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لا??ِ پرعزم آهي ۽ اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.