دبئي – 01 – ڊس??بر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ – 28) جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ جمعي ڏينهن دبئي ايڪسپو سٽي پهچندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان ۽ گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس دبئي ايڪسپو سٽي اچڻ تي نگران وزيراعظم جي آجيان ڪندا. نگران وزيراعظم اڄ ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ جي شروعاتي سيشن ۾ شرڪت ڪندو. ڪانفرنس جي سائيڊ لائينز تي نگران وزيراعظ?? نيدرلينڊ ۽ استونيا جي و??يراعظمن سان ملاقاتون متوقع آهن. نگران وزيراعظم زيد سسٽين ايبلٽي ايوارڊ جي تقريب ۾ به شريڪ ٿيندو. نگران وزيراعظم سان گڏ نگران پرڏيهي و??ير جليل عباس جيلاني، ناڻي و??ري نگران وفاقي و??ير ڊاڪٽر شمشاد اختر، موسمياتي تبديلي و??رو نگران وفاقي و??ير احمد عرفان اسلم ۽ توانائي و??رو نگران وفاقي و??ير محمد علي به ڪوپ – 28 ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن.