ڪوئيٽا – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن وار?? نگران وفاقي و??ير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين کي غيرقانوني طور تي رهندڙ ماڻه?? جي ترجماني ڪرڻ بدران پاڪستا?? جي 25 ڪروڙ عوام جي ترجماني ڪرڻ گهرجي ها، پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين پنهنجي ٽوئيٽ ۾ بي بنياد الزام هنيا، سڀ ڄاڻين ٿا ته اتڪل 5 لک غيرقانوني رهندڙ ماڻهو رضاڪاراڻي طور تي پاڪستان مان پنهنجي و??ن واپس ويا آهن، انهن کي جبري ناهي موڪليو ويو انهن جي و??ن واپسي ۾ انساني قدرن جو خيال رکيو ويو آهي. ڪوئيٽا پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس دوران هڪ صحافي جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن وار?? نگران وفاقي و??ير چيو ته ائين لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمي?? جي ٽوئيٽ سان افغانستا?? جي حڪومت ۽ ٽي ٽي پي جي ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪرڻ ۽ ايندڙ چونڊن ۾ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي و??ي آهي جنهن ۾ ا?? جي پارٽي کي ٻين پارٽي?? جي مقابلي ۾ وڌيڪ فائدو حاصل ٿي سگهي، جيڪڏهن ائين آهي ته اها انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي. هن چيو ته غيرقانوني رهندڙ ماڻه?? جي پنهنجي و??ن واپسي ۾ انساني قدرن جو خيال رکيو ويو آهي، پاڪستان مهمان نو??ز ملڪ آهي، مستقبل ۾ به ان ڳالهه جو خيال رکيو ويندو ته ڪنهن سان ڪا زيادتي نه ٿئي.