اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته انصاف، پارليامينٽ ۽ ايگزيڪيٽو کانپوءِ احت??اب رياس?? جو اهم مقصد بڻجي چڪو آهي، احت??اب طاقتور ۽ وڏي ماڻهو کان شروع ٿيڻ گهرجي، نئين تاريخ بڻجي چڪي آهي ته پاڪستان ۾ احت??اب غير سياسي بنيادن تي اڳتي وڌي رهيو آهي، نيب قانون موجب جنهن تي الزام لڳ??دو آهي اهو ثابت ڪ??دو آهي ته منهنجي دولت جائز آهي يا نيب جو الزام درست آهي، قومي احت??اب بيورو اخبارن ۾ شايع ??يندڙ خبرن تي رد عمل ڏيڻ ڇڏي ڏي، هر شيءَ کي خبر بڻائڻ اخبار جو ڪلچر بڻجي چڪو آهي، دنيا ۾ احت??اب جمهوري حڪومتن جي قيام کانپوءِ آيو پر سڀ کان پهرين مسلمانن لاءِ احت??اب جو نظام حضور صه جي دور ۾ شروع ٿيو، مديني جي رياست هر مسلمان جو خواب آهي. هو بدعنواني جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.