اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) وف??قي ??اب??نا ڀارتي لوڪ سڀا ۾ منظور ڪيل تڪراري شهريت بل جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ڀارت جي اهڙي قدم سندس اصل چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، ??اب??نا مريم نواز جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو معاملو ??اب??نا جي ذيلي ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو، حڪومت ذيلي ڪميٽي جي سفارشن ۽ ٺوس سببن کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪندي، وزيراعظم سزا يافته ۽ فرار ٿيل ماڻهن جي ميڊيا بيانن جي تدارڪ لاءِ پيمرا سميت سمورن لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان لائحه عمل جوڙڻ لاءِ قانون ۽ انصاف واري وزير کي خصوصي هدايتون ڏنيون، ??اب??نا جي سڪوڪ بانڊز ۽ اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ تي ??دشن تي ٻئي سمريون واپس ورتيون ويون، حڪومت پهرين 15 مهينن ۾ سوئي گئس، بجلي، زراعت، فرٽيلائيزر جي شعبي ۾ 401 ارب جي سبسڊي ڏني آهي، وزيراعظم عم??ان خان وف??قي گادي واري شهر جي سمورين اسپتالن کي اسٽيٽ آف دي آرٽ ادارن ۾ تبديل ڪرڻ جي هدايت ڏني. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فرد??س عاشق اعواڻ وزيراعظم عم??ان خان جي صدارت ۾ وف??قي ??اب??نا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ??اب??نا ڀارتي لوڪ سڀا طرفان شهريت بابت قانون سازي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙي قانونسازي ڀارتي ??رڪار جي نام نهاد لبرل ازم جو پردو لاهي ڇڏيو آهي ۽ اهو آر ايس ايس نظرئي جي واڌ جي ايجنڊا جو عملي مثال آهي