ڪراچي – 20 فيبر??ري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ايل آر بي ٽي اسپتال غريب ۽ وچولي طبقي جي لاءِ علاج جون زبردست سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، سرندي وارن ماڻهن کي ان خير جي ڪم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان گ?? ايل آر بي ٽي اسپتال ڪورنگي جي دوري جي موقعي تي ڪيو.