ڪوئيٽا – 09 اپريل (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا عالمي وبا آهي ۽ ان سان پورو ملڪ متاثر ٿيو آهي، بلوچستان ۾ غربت وڌيڪ آهي، ان لاءِ ڪورونا سبب صوبي جي عوام جا مسئلا وڌي ويا آهن، اسان ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي رليف ??يڪيج جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، سمورن صوبن ۽ آزاد ڪشمير حڪومت سان مشاورت سان 14 اپريل کان لاڪ ڊائون ۾ نرمي جي حوالي سان ڪو فيصلو ڪيو ويندو. اهڙن خي??لن جو اظهار وز??راعظم عمران خان بلوچستان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. بلوچستان جو وڏو وز??ر ڄام ڪمال ۽ وفاقي وز??ر اسد عمر به ساڻس گڏ هئا.