اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ملاقات ڪئي آهي ۽ کيس واپاري برادري جي ??اءِ معاشي پئڪيج ۽ احساس ڪيش ٽرانسفر پر??گر??م سميت ٻي?? معاملن تي بريفنگ ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊ??ا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب ملاقات دوران ناڻي واري صلاحڪار وزيراعظم کي ٺوس معاشي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو، جنهن جو اعلان حڪومت واپاري برادري، ايس ايم ايز ۽ عوام جي ??دد لاءِ ڪيو آهي، جنهن ۾ خاص طور تي قرض ملتوي ڪرڻ، نوان قرض سبسڊي تي ڏيڻ، ٽيڪس ري فنڊ ذريعي روڪ رقم جي ??نتقلي، سماجي تحفظ جي احساس ڪيش ٽرانسفر پر??گر??م تي خاص ڌيان ڏنو ويندو.