اسلام آب??د – 15 جون (اي پي پي) اين سي او سي ٽي ٽي ڪيو قدمن تحت پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي وڌيڪ پکيڙ وارن علائقن جي نشاندهي ڪئي آهي، سمارٽ لاڪ ڊائون حڪمت عملي تحت وزيراعظم جي ڪورونا تي ضابطو آڻڻ جي اعلان موجب اين سي او سي پوري پاڪستان ۾ ممڪنه ڪورونا ڪلسٽرز ۽ هاٽ اسپاٽس جو جائزو ورتو، سڄي پاڪستان ۾ 20 شهرن جي نشاندهي ڪئي و??ي آهي جنهن ۾ ڪورونا جي پکيڙ ۾ ممڪنه طور تي اضافو ٿيو آهي جنهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ پابندي جي قدمن جي ضرورت آهي، اين سي او سي جي ذريعي اها ڳالهه صوبن سان شيئر ڪئي پئي وڃي، جي نائن ٽو ۽ جي نائن ٿري ۾ ٽي سئو کان وڌيڪ ڪيس هئا، ڪراچي ڪمپني سميت انهن علائقن کي سيل ڪيو ويو هو، اسلام آب??د ۾ نئين هارٽ اسپاٽ کانپوءِ هيٺيان علائقا جن کي سيل ڪري سگهجي ٿو انهن ۾ جي سڪس، جي سيون، غوري ٽائون، بهاره ڪهو، آءِ ٽين، آءِ ايٽ کانسواءِ مختلف شهرن ۾ جن ۾ اهو وائرس تيزي سان پکڙجڻ جي و??قعن ۾ اضافو ٿيو رهيو آهي، اين سي او سي جي ذريعي ضروري پابندي و??رن قدمن جي نشاندهي ڪئي و??ي آهي جنهن ۾ ڪراچي، لاهو??، ڪوئيٽا، پشاور ۽ راولپنڊي، اسلام آب??د، فيصل آب??د، ملتان، گوجرانوالا،سوات، حيدرآباد، سکر، سيالڪوٽ، گجرات، گهوٽڪي، لاڙڪاڻو، خيرپور، ڊي جي خان، مالاڪنڊ ۽ مردان شامل آهن.