اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت جي ڪامياب سفارتي ڪوششن ۽ عالمي ميڊيا تي معاملو بهتر اندز ۾ اجاگر ٿيڻ تي دنيا ڪشمير جي حوالي سا?? ڀارت جي بياني کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستا?? ڀارت جو مڪروه چهرو بي نقاب ڪندو رهندو ۽ هر فورم تي ڀارتي بربريت سامهون آڻيندا رهند??سي??. 50 سالن کانپوءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاسن ۾ ڪشمير مسئلو بحث هيٺ آندو ويو. هو اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وزارت جي اهتمام هيٺ ”تشدد جو عالمي ڏينهن ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي انتهاپسندي“ جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو.