لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڏکڻ ??نجاب صوبو قائم ڪرڻ جي حوالي سان وفاق ۽ صوبن مان ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ??ند?? چيو آهي ته ان سل??لي ۾ ڀرپور تياري ۽ آئيني گهرجون پوريون ڪيون وينديون، سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ سان انتظامي اختيارن جي منتقلي طرف هڪ وڏو قدم کنيو ويو آهي، ملڪ جي پٺتي پيل علائقن جي ترقي موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هو ڏکڻ ??نجاب سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن جي وفد سان ڳالهائي رهيو هو جنهن لاهور ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ڏکڻ ??نجاب جي جدا صوبي بابت عوامي م??ال??ي تي موجوده حڪومت پاران عملي اڳڀرائي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي چيو ته ڏکڻ ??نجاب جي عوام جو پراڻو مسئلو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان تعطل جو شڪار هو جنهن جي حل جو واعدو ماضي جي حڪومتن ڪيو پر پورو نه ڪيو ويو. ان م??ال??ي کي پاڪستان تحريڪ انصاف نه رڳو پنهنجي منشور جو حصو بڻايو پر ان طرف عملي اڳڀرائي ڪئي آهي جنهن تي هو وزيراعظم جا ٿورائتا آهن. ڏکڻ ??نجاب سيڪريٽريٽ جو قيام اختيارن جي منتقلي طرف اهم اڳڀرائي آهي، ان سان ڏکڻ ??نجاب جي عوام جي مسئلن جو حل ملتان ۽ بهاولپور ۾ ممڪن ٿيندو.