اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي جا پراڻا مسئلا ان وقت تائين حل ??ه ٿا ٿي سگهن جيستائين ڪراچي جي عوام جي چونڊيل مقامي حڪومت جا نمائندا آئين جي روح مو??ب مالي، سياسي ۽ انتظامي طور تي خودمختيار نه ٿين. وف??قي حڪومت آئين جي آرٽيڪل 140 اي تي ان جي روح مو??ب مڪمل عملدرآمد جي حامي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب هن اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته آرٽيڪل 140 اي تحت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ داخل پٽيشن جي جلد ٻڌڻي ۽ فيصلي جي لاءِ اعليٰ عدليه کي فوري طور تي درخواست ڪئي وڃي.