مظفر آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان استحصال جي ڏهاڙ?? جي موقعي تي ڪشميرين سان يڪجهت?? جي لاءِ آزاد ڪشمير جي گادي واري شهر مظفر آباد پهتو ۽ ريل?? جي قيادت ڪئي. ريلي ۾ آزاد ڪشمير جي صدر سردار مسعود خان، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر، ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽ?? جي چيئرمين شهريار آفريدي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبل?? فراز، ڪشمير معاملن واري وزير علي امين گنڊاپور، پارلياماني س??ڪر??ٽري ثوبيه ڪمال، آزاد ڪشمير جي وزيرن، قانونساز اسيمبلي ميمبرن، حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير شاخ جي اڳواڻن ۽ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم ڀارتي ظلمن جي خلاف شيه?? جي ديوار بڻيل ڪشميرين جي حريت جي جذبي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ ۽ شهيدن جي ياد ۾ ٺاهيل مزاحمتي وال جو افتتاح ڪيو. کيس هتي ان حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي ڪشمير جي شهيدن جي لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان جي مظفرآباد اچڻ تي هيلي پيڊ تي وزيراعظم راجا فاروق حيدر ۽ صدر سردار مسعود خان سندس استقبال ڪيو.