اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان موسمياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سمورن لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي بهتر ڪوآرڊينيشن جي ضرورت تي زور ڏيندي برساتن ۽ ٻوڏن سان ٿيندڙ نقصانن جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن رليف سرگرمين کي وڌيڪ بهتر ۽ نقصانن جو ازالو ڪرڻ جي حوالي سان گڏيل طور تي حڪمت عملي جوڙي سگهجي. هو هتي نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي براءِ فلڊز جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، ا??لاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، مواصلات وارو وزير مراد سعيد، آبي وسيلن وارو وزير محمد في??ل واوڊا، اين ڊي ايم اي چ??ئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل، اين ايڇ اي چ??ئرمين، فلڊ ڪميشن جو چيئرمين، ڊي جي ميٽرو ل??جي??ل ڊپارٽمينٽ ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ هئا، صوبائي چ??ف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.