اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان معصوم ڇوڪريءَ ۽ عورت سان زيادتي جي مختلف واقعن جو سخت نوٽيس وٺندي لاڳا??يل آءِ جيز کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان چيو ته ??ورتن جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ذميداري آهي، ڪنهن مهذب معاشري ۾ اهڙي درندگي ۽ حيوانيت جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، اهڙا واقعا اسان جي سماجي قدرن جي منافي ۽ سوسائٽي تي ??ارو داغ آهن، وزيراعظم واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي جلد کان جلد قانون جي گرفت ۾ آڻڻ ۽ قرار واقعي سزا ڏيا??ڻ جو حڪم ڏنو آهي.