اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ڪشمير اسان جي وجود جو حصو آهي ۽ ان کانسواءِ اسان اڌورا آهيون، اسان ڪشمير کي ڪڏهن ناهي وساريو، ڪشمير جو ڪيس ع??لم?? سطه تي وڙهي رهيا آهيون ۽ دنيا جي سمورين رياستن ۾ ڪشمير جو ڪيس وڙهڻ جي لاءِ پارلياماني وفد موڪليا، ڪشمير اشو کي اجاگر ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميرپور آزاد ڪشمير ۾ فلاحي اداري ڪشمير آر فن ريليف ٽرسٽ جي 15 هين س??لي??ني تقريب کي خ??ص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو.